جهٽ پٽ (شهر جو نقشو)

جهٽ پٽ (شهر جو نقشو)

جهٽ پٽ

جهٽ پٽ: جهٽ پٽ شهر، جيڪب آباد کان ڇهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌ - بلوچستان سرحد تي واقع آهي، هن نالي سان اتي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. جهٽ پٽ جعفرآباد ضلعي جي سب ڊويزن آهي. هن نالي سان پٽ فيڊر مان شاخ به نڪري ٿي، جيڪا 18ميل کن ڊگهي آهي ۽ پٽ فيڊر کان اوڀر طرف جهٽ پٽ شهر ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي. جهٽ پٽ شاخ جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ رستي کان ٽي ميل پري ڏکڻ طرف آهي. هن شاخ جي آر. ڊي- 60 لڳ آثار قديمه جو مشهورماڳ ’جهڏير جو دڙو‘ واقع آهي. هن شاخ جي آر. ڊي- 18 مان وري هڪ ٻي شاخ محبت پور نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهه 16 ميل آهي ۽ روجهاڻ جمالي ڳوٺ جي ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي. 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ صحبت پور ۽ ديري الهيار سميت جهٽ پٽ کي به ڪافي نقصان رسيو هو. اهو پاڻي سنڌ- بلوچستان پٽيءَ تي ڪوئيٽا باءِ پاس ٽٽڻ سبب اوڏانهن ويو هو.


لفظ جهٽ پٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو